پاڪستان پوسٽ آفيس

پاڪستان پوسٽ آفيس: هي ملڪ جو سڀ کان پراڻو وفاقي ادارو آهي، جيڪو برصغير جي 150 سالن تي محيط آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ هن اداري کي پوسٽ آفيس ايڪٽ نمبر6 تحت 1898ع ۾ ٽيليفون ۽ ٽيليگراف کاتي طور تبديل ڪري سندس واڳ مواصلات واري وزارت جي حوالي ڪئي ويئي. پهرين جولاءِ 1962ع تي هن کي ٻن ڌار ڌار کاتن جھڙوڪ: پاڪستان پوسٽ آفيس، ٽيليفون ۽ ٽيليگراف کاتي ۾ تبديل ڪيو ويو. پاڪستان پوسٽ آفيس کاتي کي ڊائريڪٽر جنرل هلائي ٿو. ان کان سواءِ مواصلات وارو وفاقي ايڊيشنل سيڪريٽري پڻ هن کي سنڀالي ٿو. پوسٽ هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي هٿ هيٺ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽر، ٻيا آفيسر ۽ اسٽاف ڪم ڪري ٿو. سڄي ملڪ ۾ 8 پوسٽل سرڪلز هيڊڪوارٽر لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئٽه، راولپنڊي، حيدرآباد، اسلام آباد ۽ ملتان ۾ قائم آهن. هر سرڪل ۾ پوسٽ ماسٽر جنرل انتظام سنڀاليندو آهي. پوسٽ آفيس جو ڪم ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ٽپال جون سهوليتون فراهم ڪرڻ آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 10000 پوسٽ آفيسون قائم ٿيل آهن. اهي پوسٽ آفيسون ٽپال سان گڏوگڏ سيونگز بئنڪن طور ڪم ڪار ڪنديون آهن. سيونگ بئنڪن طور اهي اسپيشل سيونگز اڪائونٽن، سرٽيفڪيٽن، پوسٽڊ ڊرافٽن، سروسن، ماهوار آمدني اڪائونٽن، ڊفينس سيونگز سرٽيفڪيٽن ۽ پوسٽل گروپ اڪائونٽن، جون سهوليتون فراهم ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه پاڪستان پوسٽ آفيس پاران پوسٽل لائيف انشورنس جون سهوليتون پڻ عوام کي ڏنيون وڃن ٿيون (وڌيڪ ڏسو؛ ٽپال سرشتو ۽ سنڌ).


لفظ پاڪستان پوسٽ آفيسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو